تهذيب السلام رضوي

تهذيب السلام رضوي: ليکڪ ۽ صحافي سيد تهذيب الاسلام 10 نومبر 1947ع تي جيڪب آباد ۾ سيد الحسن رضوي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ۽ سيڪنڊري تعليم جيڪب آباد مان ورتائين. 1975ع ۾ ايل. ايل. بي، 1980ع ۾ ايم. اي (سياست) ۽ 1983ع ۾ ايم. اي صحافت ۾ ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو شوق هو. ادب سان لڳاءَ سبب ننڍي عمر ۾ ئي ”تهذيب“ نالي هڪ 15 روزه رسالو جاري ڪيائين، جنهن جا ڪجهه پرچا شايع ٿيا، پر ننڍي عمر هئڻ سبب کيس ڊڪلئريشن نه مليو ۽ رسالو ڪجهه وقت کان پوءِ بند ٿي ويو. 1974ع ۾ روزانه ”نواءِ سنڌ“ اخبار جيڪب آباد مان جاري ڪيائين، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. 1984ع ۾ اي. پي. پي ۽ ڪراچي ٽي. وي جو نمائندو مقرر ٿيو. سندس صحافتي خدمتن طور کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن. هو فيض اڪيڊميءَ جو نائب صدر آهي ۽ ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس جو صدر پڻ رهيو آهي. صحافت کان سواءِ هو وڪالت جي پيشي سان به وابسته آهي. هن وقت جيڪب آباد ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو